عام معلومات
ڪنهن به علم جي ڄاڻ سان تجرباتي ميدان ۾ قدم رکي منزل تائين پهچي سگهجي ٿو. علم ۽ تجربي کانسواء انڌي جي لٺ هلائڻ برابر آهي جنهن سان پنهن جو نقصان ئي ٿيندو آهي. زراعت ۽ لائيواسٽاڪ جي علم حاصل ڪرڻ لاء زرعي يونيورسٽين جو قيام ملڪ اندر قائم ٿيل آهي. جتان علم حاصل ڪري زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ جا ماهر پيدا ٿين ٿا. سنڌ ۾ هزارن سالن کان وٺي زراعت ۽ مال مويشي پالڻ جو ڪم ٿيندو آيو آهي نسل در نسل ڀاڳيا ۽ آبادگار هڪ ٻئي کان ۽ پيڙهي در پيڙهي تجربو حاصل ڪندا پيا اچن مال مويشي پالڻ پڻ آسان ڪم نه آهي. هن ۾ به زراعت وانگر ڪيترائي مسئلا درپيش اچن ٿا. هن فيلڊ ۾ هيٺيان ڪاروبار ڪري سگهجن ٿا جنهن سان گڏ آبادگار کي زراعت کانسواء تعلق رکندڙ ٻين ڪاروبار ڪرڻ جو به موقعو ملي ٿو.
1. ڊيري فارمنگ .
2. جانورن جي نسل سڌارڻ يعني بريڊنگ تي ڪم ڪرڻ.
3. گوشت وڌائڻ لاء جانورن کي متارو ڪرڻ.
4.پاڏين ۽ گابين کي جوان ٽهاڻيون وهڙيون ٺاهي وڪڻڻ .
5. وهڙيون ۽ پاڏيون ڦرائڻ ۽ ويم تي اچڻ يا سوئا ڪري وڪڻڻ.
6. ننڍن ڪجھ ڏينهن جي ڄاول ۽ مينهن ، ڍڳين کان جدا ڪيل پاڏن، پاڏين ۽ گابن ، گابين کي خريد ڪري تاتڻ ۽ وڏو ڪري وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪرڻ.
7. Artificial insemination ( AI)
مصنوعي نسل ڪشي ڪرڻ جي ڊگري وٺي اي آئي ٽيڪنيشن ٿيڻ .
8. وٽنري ڊاڪٽر جي سند حاصل ڪري وٽنري ڊاڪٽر ٿيڻ
9. ايمبريو ٽيڪنولوجي تي ڪم ڪرڻ.
10. پروڊڪٽس کي ويليو ايڊيڊ ڪري ٻيڻ ٽيڻ تي منافعو ڪماڌڻ.
انهن سڀني ڳالهين تي اسان ٻين ايندڙ پوسٽن ۾ ڄاڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن دلچسپي رکندڙ ساٿين جي علم ۾ اضافو ڪري سگهجي ۽ هو هن ڪاروبار کي سمجھي فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ نقصان کان پاڻ کي بڇائي ڪاروبار کي وڌائي ، ملڪ جي اقتصادي حالتن کي سڌاري سگهن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي کير ۽ گوشت جي ضرورت کي پورو ڪري سگهن ٿا.
Comments
Post a Comment